پنهل ساريو

پنهل ساريو

پنهل ساريو

پنهل ساريو: سياسي ۽ سماجي اڳواڻ پنهل ساريو ولد موليٰ بخش ساريو، 16 جون 1959ع تي باڊهه، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. شروعاتي ۽ سيڪنڊري تعليم باڊهه مان حاصل ڪري، 1978ع ڌاري ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سياسيات ۾ ايم. اي ڪيائين. شاگرديءَ واري زماني کان ئي سياسي طور سرگرم رهيو آهي. هن پنهنجي سرگرمين جي شروعات لطيف سنگت کان ڪئي. جنرل ضياءَ الحق دؤر ۾ لاڙڪاڻي جي صحافين سان گڏجي ’لاڙڪاڻه ليبر فيڊريشن‘ جي پليٽ فارم تان پورهيتن ۽ هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ۾ شامل رهيو. 1978ع ڌاري پروگريسوِ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو متحرڪ ميمبر رهيو. پنهل ساريو ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران ضلعي لاڙڪاڻي جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ پوءِ مالياتي سيڪريٽري رهيو. هن ’وطن دوست انقلابي پارٽيءَ‘ ۾ به ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. 1984ع ۾ پروگريسوِ نيشنل الائنس جو ڪنوينر رهيو. ان الائنس ۾ پاڪستان نيشنل پارٽي، وطن دوست پارٽي، ڪميونسٽ پارٽي ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي شامل رهيون. 1988ع ڌاري جڏهن سائين جي. ايم. سيد سنڌ قومي اتحاد نالي الائنس جوڙيو ته هن به ٻين سان گڏجي ’سنڌ قومي اتحاد‘ لاءِ ڪردار ادا ڪيو. پنهل ساريو جڏهن سنڌ انقلابي پارٽيءَ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري هو ته جيئي سنڌ ترقي پسند وِنگ جي ڊاڪٽر قادر مگسيءَ ۽ ڊاڪٽر دودي مهيريءَ سان گڏجي هنن سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جو بنياد وڌو. سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ سان ڳچ عرصي تائين لاڳاپيل رهيو. 2002ع ڌاري هن پارٽيءَ مان استعيفا ڏئي ’سنڌ نيشنل ڪائونسل‘ (ايس. اين. سي) جي جوڙجڪ لاءِ حسين بخش ٿيٻي ۽ ڊاڪٽر دودي سان گڏجي سڄي سنڌ جا دورا ڪيا ۽ ’سنڌ نيشنل ڪانگريس‘ نالي پارٽيءَ جو اعلان ڪيو ويو. پر اڳتي هلي ڪن اختلافن سبب پارٽي غير فعال ٿي وئي. ان عرصي دوران هن ممتاز ڀُٽي جي اڳواڻيءَ ۾ قائم ٿيل قومپرست اتحاد لاءِ مختلف قومپرست پارٽين کي متحد ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪوششون ورتيون. ايس. اين. سي ’پونم‘ جو به حصو رهي آهي. هن وقت پنهل ساريو ’سنڌ هاري پورهيت ڪائونسل‘ سنڌ جو صدر آهي. هيءَ تنظيم سول سوسائٽيءَ سان گڏجي نئين طرز جي سياسي سماجي سرگرمين ۾ مصروف آهي.


لفظ پنهل ساريوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.06.16  عيسوي

سماجي اڳواڻ پنهل ساريو ولد موليٰ بخش ساريو، 16 جون 1959ع تي باڊهه، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خان محمد بروهي 1
سيراني خواجه محڪم الدين
جهانگياڻي پريتي
پير شيخ جيئو
زاهد صديقي
خواجه فريدالدين ’عطار‘
دين محمد بروهي
جيڪي ڀاڳناڻي
حڪيم ميان معين الدين کنياروي
پوراني ميرڪ سيد عبدالاول الحسيني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون